ٺهڪڻ پراڻ

ٺَهڪڻُ پُراڻ: ضلعي نوشهري فيروز ۾ درياهه جو هڪ آڳاٽو وهڪرو ، جيڪو پراڻي ديري وٽان ڍنڍ ٺاهي ، وري موجوده ڄرئي واهڙ واري وهڪري جي صورت ۾ ٺهڪڻ کان ٿيندو ، ڏاوڇن واري ٻه درياهي ٺاهي ، ڏيپارجن طرف وهي ويندو هو . اڳتي هلي ٺهڪڻ پراڻ ٺاهي درياهه پنهنجو وهڪرو بدلائي ڇڏيو . ٺهڪڻ پراڻي ديري واري وهندڙ درياهه جو تڙ رهيو آهي ۽ ڄرئي واهڙ واري درياهي وهڪري جو به تڙ رهيو آهي .


لفظ ٺهڪڻ پراڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو